افغانستان ۾ طالبان جي حملن ۾ ٽيويهه سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: افغانستان ۾ رمضان جي پهرين ڏينهن طالبان جي مختلف حملن ۾ 23 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.افغان ميڊيا موجب اهي حملا بلغ بدخشان لوگر، بغلان ۽ تخار صوبن ۾ ڪيا ويا. بلخ ۾ 10 توگر ۾ 3، بغلان ۾ 6، تخار ۾ 1 ۽ بدخشان ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا. بلخ ۾ طالبان 5 اهلڪارن کي به يرغمال بنائي ورتو.افغان صدر اشرف غني ۽ قومي مفاهمتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله طالبان کان رمضان ۾ حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ تڪرار جي پرامن حل جي ضورت تي زور ڏنو. واضح رهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن افغانستان مان آمريڪي فوجين جو انخلا هن سال يارنهن سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪا سان گڏوگڏ برطانيه به افغانستان مان فوجي انخلا جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔