اسرائيلي بحري جهاز تي متحده عرب امارات ۾ ميزائل حملو

ابوظهبي: متحده عرب امارات جي سمنڊ ڪناري تي اسرائيلي ڪمپني جي بحري جهاز تي ميزائل حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز کي نقصان پهتو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪويت مان الفجيره ايندڙ اسرائيلي ڪمپني جي هڪ واپاري بحري جهاز کي متحده عرب امارات جي سامونڊي حدن ۾ ميزائل ذريعي نشانو بنايو ويو. صرف هڪ مهيني دوران ٽئين اسرائيلي جهاز کي نشانو بنايو ويو آهي.اسرائيلي بحري جهاز کي ان وقت نشانو بنايو ويو جڏهن ايران لفنز ۾ واقع پنهنجي جوهري تنصيب ۾ حادثي جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏنو هو ۽ بدلو وٺڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي. پر ايران ان حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔