نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزائن خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي احتساب عدالت کان نيب ريفرنس ۾ سزائن جي خلاف اپيلون 28 اپريل تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بينچ سمورين اپيلن کي گڏ ڪري ٻڌڻي ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفا جاري ڪاز لسٽ موجب نواز شريف جي ايون فيلڊ اپارٽمنٽ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ احتساب عدالت کان سزائن جي خلاف اپيلون 28 اپريل تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي احتساب عدالت مان بريت ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا وڌائڻ واريون نيب اپيلون به گڏ ٻڌيون وينديون. مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي احتساب عدالت مان سزا جي فيصلن جي خلاف اپيلن تي به ٻڌڻي ٿيندي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرذ صفدر کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جج محمد ارشد ملڪ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف کي سزا ٻڌائي جڏهن ته فليگ شپ ريفرينس ۾ بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو. نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ سزا جي فيصلي کي چيلينج ڪري رکيو آهي جڏهن ته نيب العزيز اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻنهي عدالتي فيصلن کي چيلينج ڪندي فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي احتساب عدالت مان بريت جي خلاف ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا وڌائڻ جي اپيل داخل ڪري رکي آهي. سمورين اپيلن کي گڏي هڪ ئي ٻڌڻي ڪئي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بينچ 28 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔