پنجاب ۾ ماءُ ۽ ٻار اسپتال جي اڏاوت جي لاءِ فنڊن جي منظوري

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) طرفان پنجاب ۾ ماءُ ۽ ٻار اسپتال جي اڏاوت جي لاءِ فنڊن جي منظوري ڏني وئي آهي. ناڻي بابت وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، ان دوران اي سي سي پنجاب ۾ 4 ماءُ ۽ ٻار اسپتال جي اڏاوت لاءِ فنڊن جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب ماءُ ۽ ٻار اسپتالن جي اڏاوت تي 11 ارب رپيا خرچ ٿيندا. اي سي سي جي اجلاس دوران پنجاب ۾ ايل اين جي پاور پلانٽس جي معاهدن جي معاملي سميت ايل اين جي پاور پلانٽس کي مسلسل گيس جي فراهمي جي به منظوري ڏني وئي آهي. اي سي سي طرفان گهٽ ۾ گهٽ 66 سيڪڙو پيداوار جي ٽيڪ يا پي ڪمٽمنٽ چارجز ختم ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔