شهباز شريف جي ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪنهن جي ضمانت ٿيڻ عڪاسي ناهي ته اهو عدالت مان باعزت بري ٿي ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت تي ردعمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت اڪيلي انهن مافياز سان نٿي وڙهي سگهي، فيصلي جو اختيار عدالت وٽ آهي، حڪومت رڳو شاهد پيش ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ڪنهن جي ضمانت ٿيڻ عڪاسي ناهي ته عدالت مان اهو باعزت بري ٿي ويو، ضمانت اندر ڪنهن جاءِ تي ناهي لکيل ته هن چوري نه ڪئي، ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔