ڪراچي: ماڊل ڪورٽ ڏکڻ گهرواري جي قتل ۾ ملوث مڙس کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پوليس موجب جوابدار 2019 ۾ پنهنجي 55 ورهين جي گهرواري سڪينه کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۽ واقعي جو ڪيس مقتولا جي ڀاءَ جي فرياد تي بلوچ ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوابدار عبدالجبار کي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ وڌيڪ 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. عدالت جوابدار تي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو، جيڪو مقتولا جي وارثن کي ادا ڪيو ويندو.