پوليس تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽن ڏينهن کان جاري تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي تشدد، اغوا، سرڪاري ۽ نجي جاين جي قبضي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوليس اهلڪار تي مڇريل ماڻهن کي حملن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته واقعن مان واضح آهي ته سليڪٽڊ حڪومت ملڪ کي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو، اهڙي خطرناڪ دلدل ۾ ڌڪيو ويو جو ڪير به محفوظ ناهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ پوليس به تحفظ جي محتاج نظر آئي، حڪومت عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي همدردي شهيد اهلڪارن، بي ڏوهه شهرين جي وارثن سان آهي، پرتشدد واقعن ۾ زخمين کي بهتر علاج جي سهولت يقيني بڻائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔