ايف آءِ اي جهانگير ۽ علي ترين کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين کان سڀاڻي اڱاري تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي لاهور طرفان موڪليل نوٽيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين کان 8 سوالن جا جواب گهريا ويا آهن. جهانگير ترين کي 13 اپريل تي جواب وٺي حاضر ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر اهو به چيو ويو آهي ته جهانگير ترين ڪمپني سيڪٽري جي ذريعي به جواب جمع ڪرائي سگهي ٿو. ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ 2020 کان ان سوالن جا جواب گهري رهيا آهيون.

جهانگير خان ترين جمعي جي ڏينهن سوالن جا جواب ڏيڻ جو واعدو ڪيو. سوالن ۾ چيو ويو آهي ته جي ڪي فارمز جي سموري مشينري جون اصل رسيدو جمع ڪرايون وڃن. جي ڪي فارمز جي 35 هزار ايڪڙ جي ايراضي جا ثبوت جمع ڪرايا وڃن. مسلم ڪمرشل بينڪ جي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. مشينري ۽ 35 هزار ايڪڙ ايريا جي لاڳت واري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. برطانيه ۾ خريد ڪيل ملڪيت جي به مني ٽريل ڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔