سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين پرڏيهي ناڻو موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اوور سيز پاڪستانين لڳاتارڏهين مهيني رڪارڊ 2 ارب ڊالر موڪليا آهن.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيت ٽوئٽر تي لکيو آهي ته ڪورونا باوجود ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ٻاهرين ملڪ کان رقم موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي ملڪ سان محبت ۽ عزم لازوال آهي .

وزاعظم عمران خان چيو ته مارچ ۾ ناڻي جي مٽا سٽا 43 سيڪڙو واڌ سان 2 ارب 50 ڪروڙ ڊالر رهيا ،ناڻي جي مٽا سٽا ۾ واڌاري تي اسان اوور سيز پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔