هلندڙ سال مارچ جي مهيني ۾ ناڻي جي ذخيرن ۾ 43 سيڪڙو واڌآهي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ باقر رضا

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ماڻهو خوف جو شڪار آهن، پر اسان مضبوطي معاشي انڊيڪيٽرز سان داخل ٿي رهيا آهيون،

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي رضا باقر جو چوڻ هو ته هلندڙ سال مارچ ناڻي ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 2 ارب 7 ڪروڙ ڊالر رهيو، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين لاڳيتو ڏهين مهيني 2 ارب ڊالر موڪليا، گذريل مارچ جي مقابلي ۾ هلندڙ سال مارچ جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 43 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

هن چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهن، مان ۽ ڊپٽي گورنرز معيشت جا مامرا بهتر طريقي سان مانيٽر ڪري رهيا آهيون، بينڪن ۾ استحاڪم ۽ اعتماد جي لاءِ معاونت ڪري رهيا آهيون،

رضا باقر چيو آهي ته هائوسنگ سوڌو ٻين شعبن کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو، سيمنٽ جي وڪري ۾ هڪ سال دوران 44 سيڪڙو جڏهن ته آٽو سيڪٽر ۾ هڪ سال ۾ 35 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ملڪي دولت جي ذخيرن ۾ به اضافو ٿيو ۽ هلندڙ مالي سال جي ڊي پي گروٿ ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويندو.

تقريب کي خطاب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته يورو بانڊز جاري ڪري پاڪستان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ واپسي ڪئي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي کي وڌايو پيو وڃي،

وزيراعظم پان دلچسپي وٺندي هر هفتي هائوسنگ تي اجلاس ڪري ٿو، هائوسنگ سيڪٽر سان سيمنٽ ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔