ڪورونا سبب پنجاب جي ڪجهه اسپتالن جون او پي ڊيز بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: صحت کاتي پنجاب ڪورونا ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ سبب لاهور سميت ٻين 7 ضلعن جي سرڪاري اسپتالن جي 4 شعبن جون او پي ڊيز بند رهنديون.

پنجاب جي سيڪريٽري موجب لاهور، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملتان جي اسپتالن ۾ 4 شعبن جون او پي ڊيز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪي 20 اپريل تائين بند رهنديون.

صحت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اي اين ٽي، ڊوماتالوجي، ڊينٽٽسٽري ۽ آپٿامالوجي جون او پي ڊيز بند رهنديون، جڏهن ته ٻين شعبن جون اوپي ڊي ايز کليل رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔