بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم پاران مليل شوڪاز نوٽيس پڙهي ڦاڙي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽرل ايگزيٽو ڪميٽي جو اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس سميت ٻين معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ذريعن موجب پيپلزپارٽي جِي سي اِي سي جَي اجلاس دوران بلاول ڀٽو شوڪاز نوٽيس پڙهي ٻڌائڻ بعد ڦاڙي ڇڏيو، جنهن تي تاڙيون وڄايون ويون.

بلاول ڀٽو چيو ته، اسان عزت لاءِ سياست ڪندا آهيون، عزت کان وڏي ڪا شئي ناهي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جَي اڪثر اڳواڻن استعيفائون نه ڏيڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته، پي ڊي ايم ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ نون ليگ جِي ڊڪٽيشن برداشت نه ڪئي وڃي،

پي ڊي ايم۾ شامل جماعتن کي گڏ هلڻو آهي ته برابري جَي بنياد تي فيصلا ڪن. اجلاس ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني پارٽي کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جِي آڇ ڪئي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو يوسف رضا گيلاني جِي تجويز رد ڪئي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته پ پ تي اهڙا الزام نه لڳايا وڃن جن ۾ ڪا صداقت نه هجي، هُنن جمهوريت لاءِ جانيون قربان ڪيون آهن.پ پ ميڊيا سيل موجب سي اِي سي جو اجلاس سڀاڻي به ٿيندو، منجهند 2 وڳي ميڊيا کي بريفنگ ڏني ويندي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔