انساني حقن جو علمبردار،ناليوارو صحافي آءِ اي رحمان به وڇڙي ويو

انساني حقن جو علمبردار ناليوارو صحافي آءِ اي رحمان 90 سالن جي عمر ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هو شگر جي مرض ۾ مبتلا هو.

 آءِ اي رحمان جي پٽ اشعر رحمان موجب هو ڪافي عرصي کان ان مرض ۾ مبتلا هو ، هن جو گهر ۾ علاج هلندڙ هو ، جتي اوچتوئي سندس طبيعت خراب ٿي وئي.

سندس جنازي نماز اڄ لاهور ۾ عشا جي نماز کان پوءِ ادا ڪئي ويندي .

آءِ اي رحمان 1930 ع ۾ هريانا ۾ پيدا ٿيو هو ،هن انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان جي جدوجهد سميت اظهار جي آزادي ، انصاف جي فراهمي ۽ آئين جي تحفظ لاءِ به پنهنجي قلمي جدوجهد ڪئي .

آءِ اي رحمان اٽڪل 68 سال صحافت سان لاڳاپيل رهيو، هن صحافت جي پليٽ فارم تان ملڪ جي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪيو .

آءِ اي رحمان اٽڪل ٻن ڏهاڪن تائين هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان جو ڊائريڪٽر رهيو ، آءِ اي رحمان 2017 تائين ايڇ آر سي پي ۾ سيڪريٽري جنرل به رهيو .

آءِ اي رحمان صحافت ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ اخبار ۾ رپورٽر طور ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔