آمريڪي عورت پنهنجا چوويهه فٽ ڊگها ننهن ڪٽي ڇڏيا

واشنگٽن: آمريڪي عورت ايانه وليمز پنهنجا 24 فٽ ڊگها ننهن 30 سالن کان پوءِ ڪٽرائي ڇڏيا.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايانه جا ننهن فلوريڊا جي هڪ عجائب گهر ۾ رکيا ويندا ته جيئن ماڻهو ان کي ڏسي سگهن. عورت پنهنجي ننهن بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته ننهن جي سار سنڀال لاءِ تمام گهڻو خرچ ڪرڻو پوندو هو.هن جو چوڻ هو ته ايترن ڊگهن ننهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ مان تمام گهڻي محتاط زندگي گذاري رهي هئس. ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو هو ته ڪٿي مان پاڻ به ننهن لڳڻ سبب زخمي نه ٿي پوان يا ننهن ڀڄي پوي.ايانه ننهن جي حفاظت لاءِ تمام گهڻو خرچ به ڪيو. هو ننهن تي ٻن کان ٽن ڏينهن دوران ڪيتريون ئي تيل پالش جون بوتلون استعمال ڪندي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔