بشريٰ انصاري جي ڀيڻ به ڪورونا جو شڪار، اداڪاره جي دعائن جي اپيل

لاهور: پاڪستان جي سينئر ۽ مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري جي ڀيڻ ۽ اداڪاره سنبل شاهد به عالمي وبا ڪورونا جو شڪار ٿي وئي آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪاره بشريٰ انصاري طرفان ڀيڻ جي تصوير شيئر ڪندي ان جي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي اطلاع ڏني. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ سنبل شاهد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ڀيڻ سنبل شاهد هن وقت ڪورونا سان جنگ وڙهي رهي آهي مهرباني ڪري ان جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪريو.اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ چئني ڀينرن جي لاءِ دعا ڪندي وڌيڪ لکيو ته چار چنڊ سلامت رهن.(آمين) ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورنا جي ٽئين لهر جي دوران هاڪاري ڪيسز جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ عالمي وبا هينئر تائين شوبز انڊسٽري جي ڪيترن ئي ادڪارن کي پنهنجو شڪار ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔