اسلام آباد: پرائيويٽائيزيشن ڪميشن 23 ڊسمبر (اڱاري) تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي) جي نجڪاري لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، ڇاڪاڻته فوجي فرٽيلائزر ڪمپني نجڪاري جي ڊوڙ مان نڪرڻ کان پوءِ هاڻي صرف ٽي خريدار ميدان ۾ باقي رهيا آهن.
پرائيويٽائيزيشن ڪميشن پاران آچر تي جاري ڪيل شيڊيول موجب، ٻوليون صبح 10:45 کان 11:15 تائين جمع ڪرايون وينديون، جڏهنته ٻوليون کولڻ جو عمل منجهند 3:30 وڳي ڪيو ويندو، جيڪو حڪومت جي فيصلي موجب ٽي وي نيٽ ورڪن تي سڌي ريت ڏيکاريو ويندو.
پي آءِ اي جي خريداري لاءِ هن وقت جيڪي 3 ٻوليون ڏيندڙ ڪمپنيون باقي بچيون آهن، انهن ۾ لڪي سيمينٽ لميٽيڊ، حب پاور هولڊنگز لميٽيڊ ۽ ڪوهاٽ سيمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ ميٽرو وينچرز (پرائيويٽ) لميٽيڊ تي ٻڌل اتحاد يعني ڪنسورشيم شامل آهي.
ٻيو بڊر عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ، فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني لميٽيڊ، سٽي اسڪولز (پرائيويٽ) لميٽيڊ ۽ ليڪ سٽي هولڊنگز (پرائيويٽ) لميٽيڊ تي ٻڌل اتحاد شامل آهي. جڏهن ته ٽيون بڊر ايئر بليو (پرائيويٽ) لميٽيڊ آهي.
پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي يوٽيوب انٽرويو دوران ٻڌايو ته فوجي فرٽيلائزر ڪمپني لميٽيڊ پي آءِ اي جي ٻولي واري عمل مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
محمد علي وضاحت ڪئي ته اڱاري ڏينهن ٻوليون جمع ٿيڻ کان پوءِ سيل ٿيل لفافن کي هڪ شفاف دٻي ۾ رکيو ويندو، جنهن کان پوءِ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جو بورڊ اجلاس ڪري ريفرنس پرائس طئي ڪندو.
ان کان پوءِ ڪابينا ڪميٽي آن پرائيويٽائيزيشن (سي سي او پي) اجلاس ڪري ريفرنس پرائس جي منظوري ڏيندي، جيڪا بوليون کولڻ وقت ظاهر ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻوليون ريفرنس پرائس کان وڌيڪ ٿيون ته کليل نيلامي ٿيندي، جيڪڏهن ٻوليون ريفرنس پرائس کان گهٽ ٿيون ته سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ کي ترجيح ڏني ويندي.
اڳتي جي مرحلي بابت هن چيو ته وفاقي ڪابينا ڪجهه ڏينهن اندر ٽرانزيڪشن جي منظوري ڏيندي، جنهن کان پوءِ ٻوليدارن پاران جمع ڪرايل دستاويزن تي صحيحون ڪيون وينديون. دستاويزن تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن کي 90 ڏينهن ملندا، جنهن دوران ملڪيتن، ذميوارين ۽ ليز تي ورتل جهازن جي منتقلي سميت مختلف مرحلا مڪمل ڪيا ويندا.
ٽرانزيڪشن جو ڍانچو
ٽرانزيڪشن ڍانچي موجب، ٻولي پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو حصيداري تي لڳندي۔ 75 سيڪڙو ٻولي واري رقم مان 92.5 سيڪڙو پي آءِ اي کي ملندو، جڏهنته صرف 7.5 سيڪڙو قومي خزاني ۾ ويندو.
محمد علي چيو ته پي آءِ اي جا 25 سيڪڙو شيئر حڪومت وٽ رهندا، جيڪي هڪ قيمتي اثاثو هوندا. ڪامياب ٻوليدار وٽ اهو اختيار هوندو ته هو باقي 25 سيڪڙو شيئر خريد ڪري يا انهن کي حڪومت وٽ ئي رهڻ ڏئي.
هن موجب، باقي 25 سيڪڙو شيئرن جي قيمت جو تعين 75 سيڪڙو حصيداري بابت فيصلي کان پوءِ ڪيو ويندو. حڪومت ٻوليدارن کي اهو اختيار ڏنو آهي ته هو 12 مهينن اندر 12 سيڪڙو پريميم سان باقي 25 سيڪڙو شيئر خريد ڪن يا نه ڪن.
ٻوليدارن کي 75 سيڪڙو حصيداري بابت فيصلو اڱاري ڏينهن ڪرڻو پوندو، جڏهنته باقي 25 سيڪڙو بابت فيصلو 90 ڏينهن اندر ڪرڻو هوندو.
هن چيو ته ٻوليدارن تجويز ڏني هئي ته 75 سيڪڙو حصيداري جي رقم هڪ سال ۾ ادا ڪئي وڃي، پر حڪومت ان تجويز سان اتفاق نه ڪيو. جيڪڏهن هڪ سال اندر پي آءِ اي جي ڪارڪردگي خراب ٿئي ها ته ٻوليدار خريداري کان انڪار ڪري سگهي ها، ۽ جيڪڏهن ڪارڪردگي بهتر ٿئي ها ته خريداري قبول ڪري ها، جيڪو حڪومت لاءِ ناانصافي ٿئي ها.
محمد علي چيو ته ڪامياب بوليدار 90 ڏينهن اندر ٻولي جي رقم جو ٻه ٽهائي حصو جمع ڪرائيندو، جڏهنته باقي هڪ ٽهائي رقم هڪ سال اندر ادا ڪئي ويندي.
هن چيو ته پي آءِ اي جي بحالي جو سڌو اثر ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) ۽ معيشت تي پوندو.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هوابازي واري شعبي جو GDP ۾ حصو سڀ کان گهٽ آهي. گڏيل عرب امارات ۾ اهو حصو 18 سيڪڙو ۽ سعودي عرب ۾ 8.5 سيڪڙو آهي، جڏهنته پاڪستان ۾ صرف 1.3 سيڪڙو آهي۔ پر پي آءِ اي ۾ موجود صلاحيت سبب هي شرح گهڻي حد تائين وڌي سگهي ٿي.
پي آءِ اي جي 34 جهازن واري فليٽ مان هن وقت صرف 18 جهاز آپريشنل آهن، جڏهنته پي آءِ اي جا 97 ملڪن سان هوائي سروس معاهدا آهن ۽ 170 کان وڌيڪ ملڪن ۾ لهڻ يعني لينڊنگ جا حق حاصل آهن.
محمد علي موجب، پي آءِ اي هن وقت 11 ارب رپين جو خالص منافعو ڪمائي رهي آهي، جڏهنته ان جي ايڪوئٽي 30 ارب رپيا آهي۔ 26 ارب رپين جون ذميواريون پي آءِ اي وٽ ئي رهنديون، جيڪي ٻوليدار پنجن سالن ۾ ادا ڪندا.
ملازمن بابت هن چيو ته تجويز ڪيل معاهدي تحت هڪ سال تائين ڪنهن به ملازم کي نوڪريءَ مان ڪڍي نٿو سگهجي. ملازمن جون پينشنون ۽ سهولتون مڪمل طور محفوظ آهن، جڏهنته رٽائرڊ ملازمن جون پينشن ذميواريون، طبي سهولتون ۽ رعايتي ٽڪيٽون هولڊنگ ڪمپني برداشت ڪندي.
هن ٻڌايو ته 2011ع ۾ پي آءِ اي وٽ 11 هزار 500 ملازم هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي 6 هزار 500 رهجي ويا آهن، يعني پنجن سالن ۾ 5 هزار ملازمن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
محمد علي چيو ته پي آءِ اي اهڙو اثاثو آهي جو جيڪڏهن ان کي صحيح نموني نه هلايو ويو ته وڏو مالي نقصان ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن بهتر انتظام هيٺ هلايو وڃي ته اهو وڏي پيماني تي آمدني پيدا ڪري سگهي ٿو. 25 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ ۾ پي آءِ اي وٽ گراهڪ، منزلون، رستا ۽ لينڊنگ سلاٽس موجود آهن. هن چيو ته ضروري شيون سيڙپڪاري، وڌيڪ جهازن جي شموليت ۽ ڪارائتو انتظام آهن، جيڪي حڪومت فراهم نٿي ڪري سگهي.
هن آخر ۾ چيو ته پي آءِ اي ۾ گهربل فيصلا سازي صرف خانگي شعبي ذريعي ممڪن آهي، ۽ جيڪڏهن ايئرلائن کي صحيح نموني سان هلايو وڃي ته پي آءِ اي ٻيهر پنهنجي عروج وارن ڏينهن ڏانهن موٽي سگهي ٿي.
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔