ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم، دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل

بيجنگ: آن لائن شارٽ وڊيو پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ کي هلائڻ وارو مواد سفارش ڪندڙ الگورٿم هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ايپ جي چيني مالڪ بائيٽ ڊانس هڪ گڏيل اداري (جوائنٽ وينچر) قائم ڪرڻ لاءِ پابند معاهدا ڪيا، جنهن تحت ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي ايپ جي آپريشنز جو ڪنٽرول آمريڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن حوالي ڪيو ويندو، جن ۾ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ڪمپني اوريڪل به شامل آهي.
رائٽر جي خبر موجب هي گڏيل ادارو قائم ٿيڻ کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ جي مستقبل بابت هينئر تائين جيڪا ڄاڻ سامهون آئي آهي، اها هن ريت آهي.
ڇا بائيٽ ڊانس ڪنٽرول ڇڏي رهيو آهي؟
نئين اداري جو قيام آمريڪا ۾ پابندي کان بچڻ ۽ واشنگٽن ۽ بيجنگ وچ ۾ واپار ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل تڪرارن کي گهٽائڻ طرف هڪ وڏو قدم سمجهيو پيو وڃي، پر ٽڪ ٽاڪ جي سڀ کان اهم اثاثي، يعني سفارش ڪندڙ الگورٿم جي مالڪي بابت اڃا به غيريقيني صورتحال موجود آهي.
رش دوشي، جيڪو صدر جو بائيڊن جي دور ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل سان لاڳاپيل رهيو، ايڪس (X) تي چيو ته اهو واضح ناهي ته الگورٿم منتقل ڪيو ويو آهي، لائسنس ڏنو ويو آهي يا اڃا تائين بيجنگ جي ملڪيت ۽ ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته اوريڪل رڳو “نگراني” جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هي الگورٿم ٽڪ ٽاڪ جي عالمي ڪاميابي جو مرڪزي حصو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ڪجهه مهينا اڳ تائين بائيٽ ڊانس جو موقف اهو هو ته هو آمريڪا ۾ ايپ بند ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو، پر ان کي وڪڻڻ قبول نه ڪندو.
تنهن هوندي به، سيپٽمبر ۾ رائٽرز ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ته بائيٽ ڊانس ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي ڪاروباري آپريشنز جي مالڪي برقرار رکندو، پر ايپ جي ڊيٽا، مواد ۽ الگورٿم جو ڪنٽرول گڏيل اداري حوالي ڪندو.
ذريعن موجب، گڏيل ادارو آمريڪي ڪمپني لاءِ بيڪ اينڊ آپريشن طور ڪم ڪندو ۽ آمريڪي صارفين جي ڊيٽا ۽ الگورٿم کي سنڀاليندو، جڏهن ته هڪ الڳ شعبو، جيڪو مڪمل طور بائيٽ ڊانس جي ملڪيت ۾ رهندو، آمدني پيدا ڪندڙ ڪاروبار جهڙوڪ اي ڪامرس ۽ اشتهاربازي کي ڪنٽرول ڪندو.
اهي بندوبست خميس ڏينهن اعلان ڪيل معاهدي جو خاڪو بڻيا، جنهن جي تصديق جمعي تي معاملي کان واقف ٻن ذريعن رائٽرز کي ڪئي. ذريعن موجب، بائيٽ ڊانس جي ڪنٽرول هيٺ ٽڪ ٽاڪ آمريڪا وارو ادارو آمدني پيدا ڪندو، جڏهن ته نئون گڏيل ادارو ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا سروسز عيوض آمدني جو ڪجهه حصو حاصل ڪندو.
چيني حڪومت اڃا تائين هن معاهدي بابت پنهنجو موقف ظاهر ناهي ڪيو. بيجنگ 2020ع ۾ پنهنجي برآمداتي قانونن ۾ تبديليون ڪيون هيون، جن تحت الگورٿمز ۽ سورس ڪوڊ جي ڪنهن به برآمد لاءِ سرڪاري منظوري لازمي قرار ڏني وئي هئي، جنهن سبب ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي ايپ کي وڪڻڻ يا الڳ ڪرڻ وارو عمل وڌيڪ پيچيده بڻجي ويو آهي.
الگورٿم کي طاقتور ڇا بڻائي ٿو؟
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته رڳو الگورٿم نه، پر ان جو شارٽ وڊيو فارميٽ سان گڏجي ڪم ڪرڻ ٽڪ ٽاڪ کي عالمي سطح تي ڪامياب بڻايو آهي.
ٽڪ ٽاڪ اهو ڏيکاريو آهي ته صارف جي دلچسپين کي سمجهڻ تي ٻڌل الگورٿم تمام گهڻو طاقتور ٿي سگهي ٿو. ميٽا جهڙين ڪمپنين وانگر “سوشل گراف” تي ٻڌل نظام ٺاهڻ بدران، ٽڪ ٽاڪ جي عملدارن موجب، سندن الگورٿم “دلچسپي جي اشارن” تي ٻڌل آهي.
شارٽ وڊيو فارميٽ ٽڪ ٽاڪ جي الگورٿم کي وڌيڪ متحرڪ بڻائي ٿو ۽ وقت سان گڏ صارفين جي پسند ۽ دلچسپين ۾ ايندڙ تبديليون به سڃاڻي سگهي ٿو، ايتري قدر جو ڏينهن جي ڪنهن خاص وقت دوران صارف کي ڇا وڻندو آهي، اهو به اندازو لڳائي سگهي ٿو.
ان کان سواءِ، شروعات کان ئي موبائل ڊوائيسز لاءِ ٺهيل ايپ هجڻ سبب ٽڪ ٽاڪ کي انهن مقابلي وارين پليٽ فارمن تي برتري حاصل رهي، جن کي ڪمپيوٽر اسڪرينن مان موبائل ڏانهن پنهنجا انٽرفيس بدلائڻا پيا.
شارٽ وڊيو مارڪيٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ جي ابتدائي داخلا به ان کي وڏو فائدو ڏنو. ميٽا جي انسٽاگرام 2020ع ۾ ريلز متعارف ڪرايا، جڏهن ته الفابيٽ جي يوٽيوب 2021ع ۾ شارٽس شروع ڪيا، ۽ ٻئي ڊيٽا ۽ پراڊڪٽ ڊولپمينٽ جي تجربي ۾ ٽڪ ٽاڪ کان پوئتي آهن.
تحقيق الگورٿم بابت ڇا ٻڌائي ٿي؟
ٽڪ ٽاڪ اهڙو مواد به باقاعدي تجويز ڪري ٿو، جيڪو صارفين جي سڌي دلچسپين کان ٻاهر هوندو آهي، ۽ ڪمپني جي انتظاميا بار بار چيو آهي ته اهو ٽڪ ٽاڪ جي يوزر تجربو لاءِ انتهائي ضروري آهي.
گذريل سال آمريڪا ۽ جرمني جي محققن پاران شايع ڪيل هڪ مطالعي ۾ معلوم ٿيو ته ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم “30 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو سفارش ڪيل وڊيوز ۾ صارفين جي دلچسپين مان فائدو وٺي ٿو”، جڏهن 347 ٽڪ ٽاڪ صارفين ۽ پنج خودڪار بوٽن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.
تحقيقي مقالي “TikTok and the Art of Personalization” ۾ لکيو ويو آهي: “هي نتيجو ظاهر ڪري ٿو ته ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم وڏي انگ ۾ اهڙيون وڊيوز تجويز ڪري ٿو، جن جو مقصد يا ته صارف جي دلچسپين کي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهڻ هوندو آهي يا اهڙي مواد ذريعي صارف کي ايپ سان ڳنڍي رکڻ.”

تبصرے بند ہیں۔