پي ايس ايل سڪس جي رهيل ميچن جو شيڊول جاري

لاهور: ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ 6 جي باقي رهيل ميچز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي باقي ميچز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جي شروعات پهرين جون کان ٿيندي جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل 20 جون تي کيڏيو ويندو.ايونٽ جي سمورن شرڪت ڪندڙن جي لاءِ 22 مئي کان هڪ ئي هوٽل ۾ قرنطينه جي 7 ڏينهن واري مدي جي شروعات ڪئي ويندي. پي سي بي موجب 3 ڏينهن واري ٽريننگ سيشن کان پوءِ پهرين جون کان ايونٽ شروع ٿي ويندو. سمورا ميچز نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا. نائٽ ميچز جي شروعات رات جو 8 وڳي کان ٿيندي.جڏهن ته ڊبل بيڊ واري ڏينهن پهريون ميچ شام جو 5 وڳي ۽ ٻيون رات 10 وڳي شروع ٿيندو. واضح رهي ته پاڪستان سپرليگ جي ڇهين ايڊيشن کي ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز سبب ملتوي ڪيو ويو هو ۽ پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جي دوران 7 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيا هئا جن مان 6 رانديگر ۽ هڪ آفيشل شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔