ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ، 5 اهلڪار شهيد

ڊيره اسماعيل خان: ڪرڪ جي علائقي گرگري دامي بانڊه ۾ پوليس موبائيل تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس موجب فائرنگ کان پوءِ پوليس موبائل ۾ باهه لڳي وئي، واقعي جي فورن بعد پوليس جي ڳري نفري علائقي کي گهيري ۾  وٺي ڇڏيو. حملو ڪندڙن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. شهيد اهلڪارن ۾ شاهد اقبال، صفدر، عارف ۽ محمد ابرار شامل آهن. ڊي پي او ڪرڪ سعود جو چوڻ هو ته شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪرڪ ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سموري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ جي ٿاڻي گرگري جي حدن ۾ پوليس گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن  فرض جي رستي ۾  حياتيون قربان ڪندڙ شهيد پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن ڊيوٽي دوران شهادت ماڻي عظيم مثال قائم ڪئي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن تي حملو دهشتگردن جي کليل بربريت آهي. گهرو وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. رياست پوري طاقت سان جواب ڏيندي. گورنر ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن طرفان به حملي جي مذمت ڪئي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔