سون جي قيمت ۾ وڏو اضافو، 10 گرام سون پهريون ڀيرو 4 لک روپين جو ٿي ويو

ڪراچي:  سون جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، انهي سلسلي ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ هزارين روپين جو وڏو اضافو رڪاڊ ڪيو ويو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 8500 روپيه وڌي 4 لک 70 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جو اگهه 7288 روپيه اضافي سان 4 لک 3 هزار 688 روپيه آهي اڄ ملڪ ۾ 10 گرام سون جو اگهه پهريون ڀيرو 4 لک روپيه ٿي ويو آهي.

عالمي بازار ۾ سون جو اگهه 85 ڊالر اضافي سان 444485 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سون جي في تولي جي قيمت ۾ 6 هزار 200 روپين جو اضافو ٿيو هو.

 

تبصرے بند ہیں۔