اين اي 75 ڊسڪه تي ووٽنگ مڪمل، نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري

ڊسڪه: اين اي 75 ڊسڪه تي ضمني چونڊ ۾ ووٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ووٽنگ جو عمل صبح کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيو. هن تڪ تي پي ٽي آءِ جو علي اسجد ملهي ۽ ن ليگ جي نوشين افتخار ۾ سخت مقابلو آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ هن تڪ تي ٿيل چونڊ کي پهرين اليڪشن ڪميشن ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔