ضابطن جي ڀڃڪڙي: ليگي ايم پي اي ذيشان ۽ فردوس عاشق کي نوٽيسز جاري

ڊسڪه: اين اي 75 جي رٽرننگ آفيسر ق ليگ اڳواڻ چوڌري سليم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، آر او جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ق ليگ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سليم بريار 9 اپريل تي تڪ جو دورو ڪيو، ق ليگ اڳواڻ طرفان 50 ڪروڙ جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، فردوس عاشق اعواڻ به پريس ڪانفرنس دوران ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪري اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ايم پي اي ذيشان رفيق پابندي باوجود تڪ ۾ داخل ٿيو ۽ پولنگ اسٽيشن تي پهتو هو، ايم پي اي کي هڪ ڏينهن اندر نوٽيس تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي 75 تي ووٽرز بنا ڪنهن خوف جي ووٽ جو حق ادا ڪن، چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ اُميدوار اسجد ملهي چيو آهي ته اڄ سڄو پاڪستان پي ٽي آءِ جي ڪاميابي ڏسندو، ٻاهران آيل ماڻهو هن ڀيري به چونڊ عمل ۾ رُخنو وجهن جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، نواز ليگ اُميدوار نوشين افتخار چيو آهي ته آئون به ميدان تي لٿل آهيان، عورتون گهرن مان نڪري ووٽ جو حق استعمال ڪن، انتظاميا کي گذارش آهي ته ووٽرز کي پولنگ اسٽيشنز تائين پهچڻ کان نه روڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔