خوشاب ۾ گاڏي مٿان فائرنگ، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

خوشاب:سندرال روڊ تي نامعلوم ماڻهن گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

سندرال روڊ تي اڳ ئي لڪي ويٺل هٿياربندن هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو، گاڏي ۾ ويٺل 4 ماڻهن موقعي تي ئي دم ڏنو، واقعي کانپوءِ فوري طور تي هٿياربند ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ضابطن جي ڪارروائي لاءِ لاشن کي ويجهي اسپتال نيو ويو.

پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل پيشي لاءِ ڪورٽ اچي رهيا هئا، شروعاتي جاچ مان خبر پئي آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي ۽ ڍاڪ برادري جي ماڻهن راجا برادري کي نشانو بڻآيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔