سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا پهرين غير قانوني عمارتون اڏڻ جِي اجازت ڏيندا آهن ۽ پوءِ واويلا ڪندا آهن:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا پهرين غير قانوني عمارتون اڏڻ جِي اجازت ڏيندا آهن ۽ پوءِ واويلا ڪندا آهن، شهر تباهه ٿي چڪو آهي، عملدار آفيسن مان ٻاهر نٿا نڪرن، سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ 5 ماڙ عمارت غير قانوني طور اڏڻ خلاف درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن، ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا عملدار عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته عمارتون ڊهي پٽ پئجي رهيون آهن ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا عملدار رڳو پئسو ٺاهڻ ۾ رڌل آهن، ايس بي سي اي پنهنجي انسپيڪٽر جون گاڏيون ڏٺيون آهن، اِهي ڪٿان آيون؟، ڇا ڪڏهن ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿي آهي؟، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جَي وڪيل چيو ته اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن تي عدالت چيو ته ڪير به پنهنجو ڪم نه ڪري رهيو آهي، گئس ۽ بجلي جا ڪنيڪشن ختم ڪرائڻ ۾ 15-15 سال لڳي ويندا آهن، ائين نه ٿئي جو رمضان المبارڪ ۾ عمارتون ڊاهڻ جو حڪم جاري ڪيون، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔