آمريڪا ۽ ايران جون جوهري معاهدي تي ڳالهيون شروع ٿي ويون

ويانا: آسٽريا جي راڄڌاني ۾ يورپي يونين جي ٽياڪڙي هيٺ آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.
عالمي خابرو اداري موجب ويانا ۾ عالمي جوهري معاهدي”جوائنٽ ڪمپري هينسو پلان آف ايڪشن“ جون ڌريون آمريڪا، ايران، روس، جرمني، فرانس ۽ برطانيا جا نمائنده گڏ ويٺا آهن.
ويانا ۾ عالمي جوهري معاهدي جي ڌرين جي ويهڪ ٻن اهم ميمبرن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي نبيري لاءِ آهي، آمريڪا 2018 ۾ معاهدي تان پاسيرو ٿيو هو، ان جي واپسي ۽ ايران تي لڳل پابندين جي خاتمي تي ٻنهي ملڪن جا نمائنده پهريون ڀيرو ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
آمريڪا ۽ ايران ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ يورپي يونين ذميواري کئين ۽ ويانا ۾ ٻنهي ملڪن سان جوائنٽ ڪمپري هينسو پلان آف ايڪشن جي سمورن ميمبر ملڪن کي جمع ڪيو آهي، هي معاهدو بارڪ اوباما دور ۾ 2015 دوران ڪيو ويو هو ۽ ٽرمپ 2018 ۾ ان کان الڳ ٿي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔