نائيجيريا ۾ جيل تي حملي سبب ارڙهن سئو قيدي فرار

ابوجا: نائيجيريا ۾ هٿياربندن جيل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 1800 قيدي فرار ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب نائيجيريا جي صوبي ايمو ۾ هٿياربندن جيل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 1822 قيدي فرار ٿي ويا، حملو ڪندڙن مشين گن، راڪيٽ لانچر ۽ گرنيڊ سميت ٻين ڳرن هٿيارن سان ليس هئا جڏهن ته حملي جي نتيجي ۾ پوليس ۽ ملٽري جي ٻين عمارتن کي به شديد نقصان پهتو آهي.
جيل عملدارن موجب فرار قيدين جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به گروپ پاران حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي وئي آهي، نائيجيرين عملدارن چيو آهي ته حملو مقامي گروپ ڪيو آهي جيڪو ان طرح جي ٻين ڪاررواين ۾ به ملوث رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔