سني ديول جو ننڍو پٽ به فلمن ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار سني ديول جي وڏي پٽ ڪرن ديول کانپوءِ هاڻ ننڍو پٽ راج وير ديول به بالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ تيار آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سني ديول جو ننڍو پٽ راج وير ديول ڀارتي پروڊڪشن ڪمپني راج شري پروڊڪشنز جي ايندڙ فلمن ۾ انٽري ڏيندو. بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار ۽ سني ديول جي پيءُ ڌرمينڌرا سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوٽي کي متعارف ڪرائيندي ماڻهن کي درخواست ڪئي ته سندس ننڍي پوٽي سان پيار ڪن.
راج وير ديول ڀارت جي مشهور هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائٽر سورج برجاتيا جي ننڍي پٽ اويناش برجاتيا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم سان ڊيبيو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اويناش برجاتيا به ان فلم سان هدايتڪاري جي ميدان ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔