ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج، فوتين جو انگ پنج سئو کان وڌي ويو

رنگون: ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف جاري احتجاج دوران سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سان هن وقت تائين 500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف جاري احتجاج ۽ مظاهرين تي سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 مهينن دوران مارجي ويل ماڻهن جو انگ 500 کان وڌي ويو آهي.
ٻئي طرف فوجي بغاوت ۽ فوتگين خلاف احتجاج ڪندڙن گذريل رات سول نافرماني جي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي شهر جي اهم رستن تي ڪچرو اڇلي رستو بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته ميڻ بتيون ٻاري مارجي ويلن جي لاءِ دعا پڻ گهري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔