لائبريري مان ورتل ڪتاب جي اوڻيتاليهه سالن کان پوءِ واپسي

هالينڊ: هالينڊ جي هڪ لائبريري مان ورتل ڪتاب آخرڪار 39 سالن کان پوءِ واپس پهچي وئي.ڊچ لائبريري مان ورتل ڪتاب جي ڪارڊ تي جاري ٿيندڙ تاريخ فيبروري 1981ع لکيل آهي ۽ ڪتاب کي ان ئي سال يعني مارچ 1991ع ۾ واپس ڪرڻو هو پر ڪتاب 39 سالن کان پوءِ واپس پهتي.لائبريري جي ٽوئٽر اڪائونٽ طرفان ڪيل پوسٽ موجب مختلف وقتن تي اوهان کي پنهنجي اکين تي يقين نه ٿيندو آهي ڪتاب جي جاري ڪيل تاريخ پڙهي نظر انداز ڪرڻ ڪافي مشڪل هو.لائبريري اختيارين موجب جڏهن انهن ڪتاب جي جاري تاريخ ڏٺي ته انهن جي لاءِ يقين ڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو.اختيارين جو چوڻ آهي ته ان چئن ڏهاڪن دوران ڪتاب کي ڳولڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر لائبريري ڪارڊ تي موجود غلط ايڊريس سبب اهو ممڪن نه ٿي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔