گهوٽڪي:سنڌ جو مشهور پهلوان الهه ڏتو بيماريءَ سبب فوت ٿي ويو

گهوٽڪي: پاڪستان جو مشهور ملهه پهلوان گهوٽڪي واسي بلبل سنڌ الهه ڏتو اعواڻ، مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.خبر موجب ايواڊ يافته مله پهلوان الله ڏتو اعواڻ گذريل ڪجھ عرسي کان بيماري سبب گمبٽ جي اسپتال ۾ داخل ۾ هو جنهن 53 سالن جي ڄمار ۾ دم ڏنو.
سندس جنازي نماز سڀاڻي سومر ڏينهن گهوٽڪي ويجھو جهانپور شريف جي ڳوٺ شفي محمد اعواڻ ۾ صبح جو 10 وڳي ادا ڪرڻ بعد کيس سندس ڪيل وصيت مطابق پنجاب جي شهر رحميار خان جي مشهور درگاهه ولي محمد سلطان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته الله ڏتو اعواڻ ملڪي سطح تي مشهور هو ۽ کيس بلبل سنڌ جو لقب ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔