انسٽا اسٽوريز تي رد عمل لاءِ اسٽيڪرز جي آزمائش شروع

لنڊن: مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام اسٽوريز تي رد عمل جي اظهار لاءِ اسٽيڪرز جي آزمائش جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.انسٽاگرام في الحال اسٽوري تي رد عمل ڏيڻ جي لاءِ صارف کي 8 ايموجيز پيش ڪندو آهي پر جلد ئي صارفين جي لاءِ انسٽاگرام اسٽوريز تي رد عمل جي اظهار لاءِ وڌيڪ اسٽيڪرز متعارف ڪرايا ويندا.انتظاميه جو چوڻ آهي ته انسٽاگرام اسٽوري تي رد عمل جي اظهار لاءِ مختلف فيچرز متعارف ڪرايا ويندا جن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪندي صارف ڪنهن به صارف کي انسٽاگرام اسٽوري تي رد عمل جو اظهار ڪري سگهندو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي انسٽا ليڪ ٽوئٽر بينڊلز طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪندي اعلان ڪيو ويو آهي ته انسٽاگرام اسٽوريز تي رد عمل جي اظهار لاءِ مختلف اسٽيڪرز جي آزمائش ڪري رهيو آهي.وڊيو ۾ انسٽاگرام اسٽوريز جي لاءِ 4 مختلف ڪيٽگريز جا اسٽيڪرز(هيپي، لوو، فني ۽ سيڊ) ڏسي سگهجن ٿا ۽ هر ڪيٽيگري ۾ وڌيڪ 5 اسٽيڪرز شامل آهن پر اڃان تائين اهو واضغ ناهي ٿي سگهيو ته انسٽاگرام اسٽوريز جي لاءِ اهو اسٽيڪرز ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔