ڊيره اسماعيل خان: جيپ ريلي ۾ ريس دوران ٽائر ڦاٽڻ سبب گاڏي اونڌي ٿي وئي

ڊيره اسماعيل خان: ڊيره اسماعيل خان ۾ آف روڊ جيپ ريلي ۾ ڊرائيورن جي مهارت جو امتحان جاري آهي.ڊيره جات آف روڊ چيلنج ريس جي ٻئي ڏينهن اسٽاڪ ڪيٽيگري، ويمنز ڪيٽيگري ۽ پروفيشنل موٽر سائيڪل ڪيٽيگري جا مقابلا ٿيا.ريس لاءِ 118 ڪلو ميٽر تي ٻڌل ڏکيو ٽريڪ آهي جنهن تي گاڏين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته ان دوران ڪيترين ئي گاڏين جا ٽائر به ڦاٽي پيا.ريس دوران هڪ گاڏي جا 3 ٽائر ڦاٽڻ سبب گاڏي اونڌي ٿي وئي پر واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔