پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 63 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي/اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 63 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، 24ڪلاڪن دوران 4 هزار 368ڪيس رپورٽ ٿيا، اين سي او سي موجب ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جِي شرح 10 ڏهائي 3 سيڪڙو رهي، لاهور جي اسپتالن جا 95 سيڪڙو وينٽي ليٽر ڀرجي ويا، ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، ٻئي پاسي  صحت کاتي سنڌ جي اختيارين، ڪورونا ويڪسين نه لڳرائرندڙ هيلٿ ورڪرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايتن بعد ڊي جي صحت سنڌ جي سمورن ڊي ايڇ اوز کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ڊي جي صحت پاران ڊي ايڇ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جيڪي هيلٿ ورڪرز ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ واري عمل ۾ شامل ناهن ٿيا انهن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، هيلٿ ورڪرز جي موجوده پوسٽنگ سميت ٻيا تفصيل اماڻيا وڃن. ڊي جي صحت جو چوڻ آهي ته هڪ لک 42 هزار 315 هيلٿ ورڪرز کي رجسٽرڊ ڪيو ويو هو پر 33 هزار 356 هيلٿ ورڪرن اڃا ويڪسين ناهي لڳرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔