لاڪ ڊائون ۾ مومل سوشل مان پوري سال جي ڪمائي حاصل ڪري ورتي

لاهور:اداڪار شهزاد شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ ۽ اداڪاره مومل شيخ لاڪ ڊائون دوارن پوري سال جي ڪمائي هڪ ئي هنڌ حاصل ڪري ورتي.
شهزاد شيخ سندس ڀيڻ مومل سان خانگي ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿيو ۽ ٻڌايو ته مومل شيخ انسٽاگرام بزنس جي باري ۾ ٻڌايو.
شهزاد شيخ ٻڌايو ته گذريل سال ڪورونا لاڪ ڊائون دوران هو پورو سال گهر ۾ ويٺل رهيو پر مومل ان دوران ايترا پيسا ڪمايا جو ڪير به نه ڪمائي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته لاڪ ڊائون دوران مومل ڪنهن وقت انسٽاگرام تي ڊائپر وڪڻي رهي هئي ته ڪنهن وقت کيرو وڪرو رهي هئي، اهو سمجهيو ته هيءَ ڇوڪري سمورو سال پيسا ڪمائڻ ۾ لڳل رهي.
شهزاد شيخ چيو ته مومل ان دوران پنهنجي پٽ کي به پاڻ سان ملايو هو ۽ اهو به هن جي ٺاهيل وڊيو ۾ شامل ٿينديو هو ۽ مومل پٽ جا پيسا اڃان گهڻا وٺندي هئي.
ياد رهي ته مومل شيخ انسٽاگرام آءِ ڊي تي لاڪ ڊائون دوران به مختلف اشتهارن جي وڊيو شيئر ڪندي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔