جوبائيڊن جي ڌمڪي کان پوءِ روس آمريڪا مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائي ورتو

ماسڪو: آمريڪي چونڊن ۾ مبينا روسي مداخلت خلاف صدر جوبائيڊن جي بيان کانپوءِ روس آمريڪا مان پنهنجو سفير گهرائي ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر بائيڊن چيو هو ته رسي صدر پيوٽن کي آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت جي قيمت چڪائڻي پوندي، هن ان آمريڪي چونڊن ۾ آمريڪي انٽيليجينس رپورٽ تي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو هو جنهن ۾ روس ۽ ايران تي آمريڪي اليڪشن ۾ مداخلت جا الزام هنيا هئا.
ان حوالي سان روس جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اناتولي اينتونوو کي روس ۽ آمريڪا جي لاڳاپن بابت صلاح لاءِ ماسڪو طلب ڪيو ويو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم ٻنهي ملڪن جي گڌيل لاڳاپن کي ناقابل تلافي نقصان پهچڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔