ايف آءِ اي کي قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

لاهور: عدالت بليڪ ميلنگ ۽ حراسمينٽ واري ڪيس ۾ لاهور جي عدالت ايف آءِ اي کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور جي ايڊيشنل سيشن عدالت جي جج حامد حسين قومي ڪرڪيٽر بابراعظم خلاف بليڪ ميلنگ ۽ هراسان ڪرڻ تي ايف آءِ اي ۾ داخل ڪيس لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد ايف آءِ اي کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته حاميزه مختار موبائل فون تان کيس ڌمڪائڻ، بليڪ ميل ڪرڻ ۽ نازيبا ميسيجز موڪليندڙن خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪئي، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، رپورٽ موجب بابراعظم ان معاملي ۾ قصوروار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔