عوام 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي ،5 سال پورا ٿيڻ تي احتساب ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪڏهن چون ٿا حڪومت هلندڙ هفتي گهر هلي ويندي ته ڪڏهن اڳڪٿيون ٿين ٿيون ته هلندڙ مهيني گهر هليا وينداسين: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عوام اسان کي 5 سالن  لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي، 5 سال پورا ٿيڻ بعد احتساب ٿيڻ گهرجي ته اسان عوام لاءِ ڇا ڪيو؟، اسلام آباد ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت مزدور طبقي کي گهر ۽ پلاٽ الاٽ ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته نئون پاڪستان نئين سوچ جو نالو آهي، ملڪ ۾ غريب کي گهر جي فراهمي بابت ڪڏهن به نه سوچيو ويو، غريبن کي گهرن جي فراهمي جو منصوبو وڏي ڪاميابي آهي، حڪومت عام شهري لاءِ قرض جو سسٽم سولو بڻائي ڇڏيو آهي، وزير اعظم عمران خان ڪڻا ڪڍي گهر ۽ پلاٽ حاصل ڪندڙن جي نالن جو اعلان ڪيو، عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت هڪ هزار کان وڌيڪ فليٽ ۽ 500 کان وڌيڪ گهر تعمير ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔