راحت فتح علي خان لاءِ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ جو اعزاز

ڪراچي: سرن جي بادشاهه راحت فتح علي خان کي آرٽس ڪائونسل پاران موسيقي ۾ خدمتن تي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
گلوڪار راحت فتح علي خان کي لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب گذريل ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿي گذري، ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جي سربراهه محمد احمد شاهه چيو ته اسان کي راحت فتح علي خان کي ان جي خدمتن جي اعتراف ۾ لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي کي لائف ٽائم ميمبرشپ ڏيڻ تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي.
راحت فتح علي خان لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران ايوارڊ ملڻ تي مونکي فخر محسوس ٿي رهيو آهي، مون وٽ خوشي بيان ڪرڻ جا لفظ ناهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔