عامر خان سوشل ميڊيا ڇڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي: تازو بالي ووڊ اداڪار عامر خان اوچتو سوشل ميڊيا ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ان جو سبب به نه ٻڌايو پر گذريل ڏينهن فلم ”ڪوئي جاني نا“ جي اسڪريننگ دوران ميڊيا نمائندن هن کان ان سلسلي ۾ پڇيو ته عامر خان چيو توهان پنهنجو ٿيوريز نه ٺاهيو، آئون پنهنجي ڌن ۾ رهندو آهيان، آئون سوشل ميڊيا تي آهيان ڪٿي؟ هونءَ به آئون سوشل ميڊيا تي ڪا به پوسٽ نه ڪندو آهيان.
عامر خان چيو ته جڏهن سوشل ميڊيا نه هئي ان وقت به آئون توهان ۽ ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ هوندو هئس، هن وقت به آئون ميڊيا وسيلي ماڻهن سان رابطي ۾ رهڻ ٿو چاهيان.
عامر خان وڌيڪ چيو ته هاڻ ان صورتحال ۾ جڏهن سوشل ميڊيا کي ڇڏيو آهي ته ميڊيا جو ڪردار وڌي ويو آهي، ڇو ته آئون ميڊيا وسيلي ئي ماڻهن سان رابطي ۾ رهندس، تنهن ڪري توهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي ۽ مونکي توهان ميڊيا وارن تي پورو ڀروسو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔