سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪاليجز ۾ ڀرتين لاءِ رولز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪاليجز ۾ ڀرتين لاءِ رولز ٺاهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا، عدالت طرفان سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ مُدي خارج هجڻ باوجود اُميدوارن امتحانن ۾ ويهارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران ڪاليجز ۾ ڀرتين ۽ سڌارن جي بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ويو ته جِن اُميدوارن جا پيپرز رهيل آهن، اُنهن کان نئين سوالنامي تحت امتحان ورتو وڃي، لا آفيسر عدالت آڏو چيو ته امتحان ۾ ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ اُميدوار حصو وٺي رهيا آهن، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته کين به امتحانن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي، اسڪروٽني ته توهان کي ئي ڪرڻي آهي، عدالت هيڪ چيئرمين کي اسڪروٽني مامري جي نگراني جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته 15 سئو ملازمتن لاءِ هڪ لک کان وڌيڪ اُميدوارن اپلاءِ ڪيو آهي، سموري مامري کي شفاف بڻائي ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃي، عدالت سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن جي غير حاضري تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي کيس فوري طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سيڪريٽري ڪاليجز فوري طور پيش نه ٿيو ته سندس خلاف وارنٽس جاري ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔