ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضي سان اسلام قبول ڪيو: ڪويتا عرف ام حنا

تنگواڻي: نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ پوليس جي سخت پهري ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ سول جج منور علي پيرزادو جي عدالت ۾ پيش ڪيوويو،عدالت ۾ ناري کي سول جج جي ڪورٽ روم ۾ وارثن سان ملاقات بہ ڪرائي وئي، نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ بيان ڏيندي چيو تہ هُن کي ڪنهن بہ اغوا ناهي ڪيو، هن پاڻ رضا خوشي سان گهران نڪري اسلام قبول ڪيو ۽ هُوءَ درگاهہ ڀرچونڊي شريف ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي،نينگري جي عمر ننڍي هجڻ جي درخواست بعد ڪورٽ پاران پوليس کي نينگري 3 ڏينهن سيف هائوس ڪنڌڪوٽ رهائڻ بعد 3 ڏينهن لاء چائيلڊ پروٽيڪشن سکر ۾ رهائڻ جو حڪم ڏيندي ست ڏينهن جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،هوڏانهن نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ جي ٻئي مخالف وڪيل سعيد احمّد بجاراڻي چيو تہ نينگري ڪورٽ ۾ اسلام قبول ڪري ورتو آهي. نينگري جي بيان مطابق پوليس اغوا ڪيس جي جاچ ڪندي ۽ نينگري جي عمر بابت ميڊيڪل بعد فيصلو ايندو، نينگري جي والدين سان ملاقات وقت نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ پنهنجي ماءُ حسينا ٻائي ۽ پيءُ تخت مل اوڏ کي جواب ۾ چيو تہ هوءَ مسلمان ٿي آهي، هوءَ انهن سان وڃڻ نہ ٿي چاهي، هوڏانهن ڪورٽ جي ٻاهران پير ڀرچونڊي جي مريدن جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو،ڪورٽ هڪ ڪلاڪ تائين ڪاروائي هلائي جنهن بعد وڌيڪ هڪ ڪلاڪ نينگري کي ڪورٽ ۾ ويهاريو ويو، جنهن بعد نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ کي سيف هائوس ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيوويو. نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ پهرين ڏينهن ڪورٽ ۾ بنا نقاب جي ۽ ٻئي ڏهاڙي ڳاڙهي رنگ جو اسڪارف پائي پهتي. نينگري جي ماءُ حسينا ٻائي عدالت ٻاهران روئيندي رهي، پوليس والد تخت مل اوڏ جو جهڙتي وٺڻ بعد عدالت ۾ وڃڻ ڏنو. ام حنا عرف ڪويتا جي پيشي وقت 6 پوليس ٿاڻن جي هڪ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي سنڀالي ورتي، ميڊيا ورڪرن کي ڪورٽ جي احاطي ۾ وڃڻ نہ ڏنو ويو. نينگري ام حنا عرف ڪويتا اوڏ جي پيشي وقت ڪورٽ جي گيٽ تي ماڻهن جو هجوم ٿي ويو،نينگري جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن رستم بهلڪاڻي، محمّد بخش بهلڪاڻي ۽ فريادي تخت مل اوڏ جا 164 بيان قلم بند ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔