سکر ۾ بنگلو ليز تي ڏيڻ بابت ڪيس: اي جي سنڌ، آبپاشي ۽ ناڻي وارا سيڪريٽريز طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سکر بئراج ڪالوني جو بنگلو ليز تي ڏيڻ بابت ڪيس ۾ اي جي سنڌ، سيڪريٽري آبپاشي ۽ سيڪريٽري مال خانه کي طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران جسٽس مشير عالم چيو ته ٻڌايو وڃي بنگلو ڪهڙي قانون تحت ليز تي ڏنو ويو، عوامي زمين کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، زمين بئراج لاءِ رکي وئي هئي، جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان اِن جي اجازت ڏيون ته اُهو خطرناڪ مثال هوندو، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته زمين ليز تي ڏيڻ دوران غلام مصطفيٰ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري هو، عدالت اي جي سنڌ، سيڪريٽري آبپاشي ۽ سيڪريٽري مال خانه طلب کي طلب ڪري ورتو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔