صوبن کي ڪنهن به ڪورونا جي ويڪسين خريد ڪرڻ کان ناهي روڪيو: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته صوبن کي ڪنهن به ڪورونا جي ويڪسين خريد ڪرڻ کان ناهي روڪيو، چاهين ته سڀاڻي ئي خريد ڪري سگهن ٿا، ويڪسين خريد ڪرڻ صوبن جي ذميواري آهي پر وفاق پنهنجي ذميواري کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ آهي، پاڪستان ۾ برطانوي ڪورونا جا اثر آهن ۽ اهي وڌيڪ خطرناڪ آهن ان ۾ موت جي شرح وڌيڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 60 ورهين کان وڌيڪ عمر جي صرف 10 سيڪڙو ماڻهن پاڻ کي ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ رجسٽرڊ ڪرايو آهي ملڪ ۾ ويڪسين جي کوٽ ناهي جيڪڏهن وڌيڪ ماڻهن رجسٽريشن نه ڪرائي ته هفتي 10 ڏينهن بعد 50 ورهين کان وڏي عمر جي شهرين جي رجسٽريشن شروع ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔