ڪورونا جي ٽين لهر سبب سنڌ ۾ نيون پابنديون، گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي  : سنڌ ۾ هڪ مهيني لاءِ ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن، ان حوالي سان سنڌ جي گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ اڄ 15 مارچ کان 15 اپريل تائين سمورا ڪاروبار مرڪز رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا،

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ سرڪاري توڙِي نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف کي گهرايو ويندو ۽ ورڪ فرام هوم تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته تفريحي پارڪس شام جو 6 وڳي بند ڪيا ويندا،

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شادي هالز ۾ کاڌو کارائڻ تي پابندي هوندي ۽ شادي دعوت ۾ 300 مهمانن کي گهرائي سگهبو، هوٽلز ۽ ريسٽورينٽس جي اندر کاڌو کائڻ جي به اجازت نه هوندي،

ريسٽورينٽس کان هوم ڊليوري ۽ کاڌو گهر وٺي وڃڻ جي سهولت هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سينيماهالز ۽ مزار به بند رهندا، ڪ

ورونا ڪيسز وڌڻ جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن به مخصوص علائقي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي سگهي ٿو، واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر کانپوءِ مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي ۽ تعليمي ادارا به ٻن هفتن لاءِ بند ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔