برطانيا کان آيل ڪورونا وائرس جي نئين قسم جا ڪيسز وڌڻ لڳا

اسلام آباد: برطانيا کان آيل ڪورونا وائرس جي نئين قسم جا ڪيسز وڌڻ لڳا، پنجاب جي 37 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظاميه پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ هائوس کي ڊِس اِنفيڪٽ ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ سرگرميون جزوي طور معطل ڪيون ويون ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيز سوڌو خصوصي ڪميٽيز جي اجلاسن جا شيڊول به ملتوي ڪيا ويا آهن، گجرات ۾ ايس او پيز نظرانداز ڪرڻ تي 10 ريسٽورنٽس سيل ڪيا ويا، فيصل آباد ۾ به 36 شادي هالز اڻڄاتل مدي تائين سيل ٿي ويا، پنجاب ۾ واپارين طرفان ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔