مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ بابت نيب جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي اڄ ٿيندي.

جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ دليل ٻڌندي. نيب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز جي ضمانت تي آزادي کان پوءِ هو لاڳيتو رياستي ادارن جي خلاف بيان ڏئي رهي آهي. 

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ مان چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي پر هو پنهنجي ضمانت جو ناجائز فائدو کڻي رهي آهي. موقف ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز کي طلب ڪيو ويندو آهي پر هو پيش ناهي ٿيندي. 

چوڌري شوگرملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مريم نواز پيش نه ٿي نيب جي جاچ ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. جنهن ڪري ان جي ضمانت رد ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔