ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته ٻيهر لاڪ ڊائون طرف هليا وڃون: سعيد غني

ڪراچي : سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا ڪيسز جي وڌڻ جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون جي طرف هليا وڃون، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پشاور ۽ پنجاب جي ڪجهه شهرن ۾ بهار جون موڪلون ڏنيون ويون آهن، پر سنڌ ۾ بهار جون موڪلو ناهن ٿينديون، هن چيو آهي ته ملڪ ۾ صرف ڏهه ٻارنهن شهرن ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، ٿي سگهي ٿو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي لاڪ ڊائون جي طرف هليا وڃون، سعيد غني چيو آهي ته شفقت محمود 100 سيڪڙو اسڪول کولڻ جو چيو هو ته اسان مخالفت ڪئي هئي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٻارن جي تعليمي نقصان کي پورو ڪيو وڃي ۽ اها به ڪوشش آهي ته امتحان پنهنجي وقت تي ٿين، جيڪڏهن تعليمي سلسلي کي روڪيو ويو ته پوءِ گهڻو وقت لڳي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔