سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست رد

اسلام آباد : سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪئي وئي، علي حيدر گيلاني جي وڊيو واري معاملي تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر الطاف ابراهيم قريشي پي ٽي آءِ جي نمائندن کان پُڇيو ته وڊيو ۾ جِن ماڻهن سان ڊيل ٿي رهي آهي، ڇا توهان اُنهن کي سڃاڻو ٿا، ڇا ضروري نه هو ته وڊيو ۾ موجود ماڻهن کي به جوابدار ڄاڻايو وڃي ها، جِن ماڻهن پئسا ورتا آهن، اُنهن جو حلفي بيان به درخواست ۾ هجڻ گهرجي ها، رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي ملوث آهن، ائين ناهي ته رڳو رشوت ڏيندڙ کي ڌر بڻايو وڃي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي نئين سر درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔