آصف زرداري ڪرپشن جي پئسن مان ماڻهن کي خريد ڪندو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ڪرپشن جي پئسن مان ماڻهن کي خريد ڪندو آهي.

ڪابينه اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته قومون تڏهن تباهه ٿينديون آهن جڏهن انصاف جي صلاحيت ختم ٿي وڃي. جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن به انصاف نٿي ڪري سگهي. ملڪ ۾ ڪرپشن کان وڌيڪ ڪا ٻئي شيءَ بنيادن کي تباهه نٿي ڪري. وڏن منصوبن ۾ وڏي  پيماني تي ڪرپشن ٿي آهي. بدعنوان عناصر وڏن منصوبن ۾ ڪميشن وٺي ٻاهر منتقل ڪندا آهن. ان بدعنوانن سبب ملڪ قرضي ٿي ويندو آهي گڏيل قومن جي رپورٽ موجب غريب ملڪن جا 7 هزار ارب ڊالر پرڏيهه ۾ پيل آهن.

وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان معاشري ۾ ڪرپشن کي سڀني لاءِ قابل قبول بنايو ويندو آهي. بدعنواني ڪرڻ جي لاءِ نوازشريف ۽  آصف زرداري پهريان لاڳاپيل ادارن کي ڪمزور ڪندا آهن. نوازشريف ۽ آصف زرداري جهڙا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان پئسا چوري ڪري ٻاهر موڪليندا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته بدعنواني ڪرڻ جي لاءِ نوازشريف ۽ آصف زرداري پهريان لاڳاپيل ادارن کي ڪمزور ڪندا آهن.

سينيٽ چونڊن ۾ جيڪو تماشو هليو اهو سڀني ڏٺو. سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو آهي. آصف زرداري ڪرپشن جي پئسن مان ماڻهن کي خريد ڪندو آهي. هاڻ اهڙا اليڪشن نٿا ڪري سگهون. ان لاءِ ايندڙ اليڪشن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ گهرجي. شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرونڪ ووٽنگ  مشين متعارف ڪرائي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔