آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان برطانوي بچاءُ واري وزير جي ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان برطانوي بچاءُ واري وزير ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ برطانوي بچاءُ واري وزير  جي ملاقات جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ افغان امن عمل تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران گڏيل سيڪيورٽي، ٻطرفن لاڳاپن سميت جيواسٽريٽجڪٽ تي به ڳالهيون ٿيون. برطانوي چيف آف ڊفينس جنرل نڪولس پيٽرڪ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن جو اعتراف ڪيو.

آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۽ برطانوي  بچاءُ واري وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي  وڌائڻ جي عزم جو اظهار به ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔